گهرام فقير جتوئي

گهرام فقير جتوئي: سچل سرمست جو صحبتي ۽ شاعر گهرام فقير جتوئي، 1166هه/ 1753ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير بخش علي هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد بخش علي ۽ ملان فيض محمد کان حاصل ڪيائين. گهرام فقير سچل سائينءَ جو پيارو شاگرد، طالب ۽ سٺو صوفي شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ سچلرح جي شاعريءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. شاعريءَ ۾ تخلص ’اصغر‘ استعمال ڪندو هو. هن فقير وڏيءَ ڄمار ۾ 1262هه/1846ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ خيري جتوئي، لڳ ٿرڙي هاشم، تعلقي وارهه ۾ آهي.


لفظ گهرام فقير جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1753.00.00  عيسوي

گهرام فقير جتوئي ، 1166هه/ 1753ع ۾ ڄائو .


1846.00.00  عيسوي

گهرام فقير 1262هه/1846ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوڪت عزيز
پٽيل ولڀ ڀائي
جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت
سرائي قربان کهاوڙ
حبيب الله خطاط
ڊبليو ايڇ هيولاڪ
آڏواڻي رام ڪرشن ھيرانند راھي
سڪندر بلوچ
شير بخشو
دائود مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون